Powered by Blogger.

Ginwa Bhutto kown Hai غنوئ ڀٽو ڪير آھي ؟

Zulfiqar Qadri
“ پهرين جون غنوئ ڀٽو جي سالگره جي حوالي سان “
غنوئ ڀٽو ڪير آھي ؟
ذوالفقار قادري
ذوالفقار علي ڀٽي جي موڀي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽي جي حياتي ڏاڍي سخت گذري ٖ 1985ع وارو سال هن لا۽ ڏاڍو ڏکيو سال هو. 1979ع ۾ پنهنجي پيءُ جي ڦاهيءَ بعد هن کي وڏي پيڙاء مان گذرڻو پيو هو، مٿان 1985ع واري سال ۾ کيس پنهنجي ٻانهن ٻيلي سهڻي ڀاءٗ شاهنواز ڀٽو جي وڇوڙي جو صدمو برداشت ڪرڻو پيو ظالم وقت کيس ايتري بہ مهلت نہ ڏني جو هو ڀاءٗ جو ڪلهي ڪانڌي ٿي شاهنواز جي لاش کي ڪلهو ڏئي اباڻي مڙه مقام ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ کيس مٽيءَ ماءٗ حوالي ڪري سگهي ها ٖ ان ئي سال هن کي ڪابل ۾ پنهنجي افغان نزاد گهر واريءَ فوزيہ جي بيوفائي به ڏسڻي پئي، جنهن سان هن پريم مان پرڻو ڪيو هو. ايئن ان گهرواريءَ مان پيدا ٿيل ننڍڙي نياڻي فاطمه جي ذميواري به سندس ڪلهن تي اچي پئي. مٿان وري طويل افغان خانہ جنگي سبب افغانستان اندر پيدا ٿيل گهوٽالي سبب دنيا جي ٻن سپر پاور آمريڪا ۽ روس جي ٽياڪڙي ۾ افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ جنيوا ڳالهين جو آغاز ٿيو ته افغان سرڪار مرتضيٰ مٿان دٻاءُ وڌو ته هو فوري طور افغانستان اندر قائم پنهنجي مبينه تنظيم الذوالفقار جا دفتر بند ڪري ملڪ ڇڏي هليو وڃي اهڙي پريشانيءَ واري صورتحال ۾ مرتضيٰ پنهنجي کير پياڪ نياڻي فاطمه کي کڻي شام جي دارالحڪومت دمشق پهتو. مرتضيٰ جي پريشانيءَ جا اهي ڏينهن ڏسڻ جوڳا هئا، جڏهن هن کي هڪ ئي وقت پنهنجي جلاوطن ٿيل ساٿين کي به سنڀالڻو پئي پيو ته ساڳئي وقت معصوم نياڻي فاطمه جي سار سنڀال به پئي ڪرڻي پئي. انهن ئي ڏهاڙن ۾ هڪ ڏينهن دمشق جي هڪ هوٽل جي لفٽ َ ۾ مرتضيٰ جي غنويٰ سان ملاقات ٿي. غنويٰ کيس ٻڌايو ته هوءَ هڪ چرچ اسڪول ۾ ٽيچنگ سان گڏ ٖ ڊانسنگ ۽ فزيڪل انسٽريڪٽر آهي. بنيادي طور هو لبنان جي گادي واري هنڌ بيروت جا آهن، پر لبنان جي خانہ جنگي سبب اڄڪلهه دمشق ۾ رهائش پذير آھن ٖ مير مرتضيٰ فوري طور هن کي ٻيو ڪجهه نه ٻڌايو، صرف ايترو چيائينس ته جيڪڏهن هوءَ سندس نياڻي فاطمه جي سار سنڀال لهڻ سان گڏ کيس پڙهائيندي ته هو سندس ٿورائتو رهندو. غنوي،ٰ فاطمه جي معصوميت ڏسي هائوڪار ڪئي. شروع شروع ۾ فاطمه کي پاڻ ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ غنويٰ کي پريشاني ڏسڻي پئي، پر ڪجهه عرصي ۾ ئي هن کيس پنهنجو ڪري ورتو. فاطمه ۽ غنويٰ جي پاڻ ۾ گهڻي ويجهڙائپ نيٺ مير مرتضيٰ کي به متاثر ڪيو. انقلابي جدوجهد جهڙي خشڪ زندگيءَ کيس جيون ساٿي ڳولهڻ تي مجبور ڪيو. آخر اهو ڏينهن به آيو، جڏهن مرتضيٰ غنويٰ کي شاديءَ جي آڇ ڪئي. غنويٰ ان سلسلي ۾ کيس پنهنجي والد سان ڳالهائڻ لاءِ چيو. غنويٰ جو پيءُ عبود عطاوي بنيادي طور لبناني انجنيئر هو ۽ غنوئ جي ماءٗ جو نالو ڪافيہ هو جيڪا هڪ استاد سان گڏ عربي جي بهترين شاعره هئي ٖ غنوئ ڀٽو 1 جون 1972ع تي جنم ورتو عبود عطاوي مارڪسٽ انقلابي هو ۽ لبنان اسرائيل سرحد ويجهو اڪار شھر جو رهاڪو هو ٖ هو لبنانين جي اسرائيل خلاف مزاحمت واري تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ کاٻي ڌر جي سوشلسٽ خيالن جو حامي هو عبود عطاوي انجينئرنگ پاس ڪرڻ بعد پنهنجو خانداني پيشو زمينداري ڇڏي، هڪ لبناني ايئر لائن جوائن ڪئي هئي عبود عطاوي جي خاندان اسرائيلي جارحيت دوران ڪئين دفعا پنهنجا اباڻا ڪک ڊهندي ۽ سڙندي ڏٺا ۽ ڪئين دفعا پنهنجو اباڻو گهر اڪار ڇڏڻو پيس. حالتون بهتر ٿيڻ تي واپس ماڳن تي موٽي ايندا رهيا. هن جي آخري طويل هجرت ان وقت شروع ٿي، جڏهن 1981ع واري ڏهاڪي ۾ لبنان پنهنجي تاريخي گهرو ويڙهه ۾ گهيرجي ويو. لبنان جي گاديءَ وارو شهر بيروت جنهن کي ڪنهن وقت ۾ وچ اوڀر جي ڪنوار به سڏيندا هئا، سو پنهنجو سونهن ۽ سندرتا وڃائي ويٺو ھو هڪ طرف اسرائيل جي حامي ميجر حداد جا فلانجسٽ عيسائي گوريلا هئا ته ٻئي طرف فلسطيني گوريلن جي پاپولر فرنٽ ۽ پي ايل او جا ڇاپہ مار هئا ساڳئي وقت اسرائيلي حملا پڻ لبنان کي اجاڙي رهيا هئا. تاريخ جو بدترين قتل عام بيروت جي صابره ۽ شتيلا جي پناهه گزين ڪيمپن اندر ڪيو ويو، جتي هزارين بيگناهه فلسطيني نوجوان، ٻارڙا، ٻڍڙا ۽ عورتون قتل ٿيا. انهن ڏينهن ۾ عبود عطاوي جو خاندان لبنان ڇڏي شام جي گادي واري هنڌ دمشق هليو ويو، جتي هن پنهنجي نياڻين غنويٰ، راشا، زائينا ۽ خولود جي سٺي پرورش ڪئي ۽ کين اعليٰ تعليم به ڏياريائين. سندس ٻيو نمبر نياڻي غنويٰ تعليم واري شعبي سان وابسته ٿي. غنويٰ جي تعليم واري شعبي کيس مرتضيٰ سان ملايو ۽ فاطمه وسيلو بڻي. مرتضيٰ جڏهن پنهنجي دل جي ڳالهه عبود عطاوي آڏو رکي، ته عبود عطاوي کي بنهه اها خبر نه هئي ته اهو سهڻو نوجوان پاڪستان سرڪار جي ٽاپ موسٽ وانٽيڊ لسٽ ۾ سڀني کان مٿاهون آهي ۽ جنرل ضياءَ جا ايجنٽ سندس زندگيءَ جا دشمن آهن. کيس اها خبر بہ ڪونه هئي ته اهو قدآور سهڻو نوجوان ٽين دنيا جي عظيم اڳواڻ ۽ عربن ۾ ھيرو طور مشھوري ماڻيندڙ ذوالفقار علي ڀٽي جو پٽ آهي، جيڪو دنيا ۾ مسلم امه جي اتحاد

0 Komentar untuk "Ginwa Bhutto kown Hai غنوئ ڀٽو ڪير آھي ؟"

Back To Top