Powered by Blogger.

Gidu bandar اچو تہ گدو هلون

اچو تہ گدو هلون
ذوالفقار قادري
سياري جي سرد موسم هئي ڪنهن دوست جو گدو بندر واري ذھني مريضن واري اسپتال ۾ ڪم هو سو مون کي وٺي ويو خير ان همراه جو ڪم تہ ٿيو پر منهنجي اندر جي آس اڌوري رهجي وئي سو مون دوست کي چيو اوهان ڀل وڃو مان “ گدو “ ۾ آھيان هي هڪ عجيب دنيا آھي ٖ بظاهر پاڳل نظر ايندڙ پر هر مريض جي پنهنجي پنهنجي ڪهاڻي آھي ٖ ملڪيت جا تڪرار ٖ عشق جي چوٽ ٖ محبوب جي بيوفائي ٖ بيروزگاري ٖ معاشي پريشاني ٖ سماج ۽ خاندان طرفان نظرانداز ٿيڻ ٖ سميت اهڙا ماڻھو بہ نظر آيا جن کي ويهن کان پنجويهہ سال ٿي چڪا آھن انهن جو ڪو وارث ظاهر نہ ٿيو آھي ٖ سرد موسم هئي ڪنهن وٽ ڪمبل تہ ڪنهن وٽ ڪوٽ ٖ جيڪٽ يا سويٽر ڪونہ هو مون ان وزٽ جي پوسٽ رکي تہ ڪجهہ دوستن رابطو ڪيو ۽ چيائون گدو ۾ داخل ٽوٽل مريضن کي اسان جيڪٽ ٖ سويٽر ۽ ڪمبل ڏيڻ چاهيون ٿا پر اسان جو نالو ظاهر نہ ڪجو مون ان وقت تہ انهن مهربان دوستن جا نالا ظاهر نہ ڪيا پر اڄ انهن دوستن جا نالا ٻڌايان ٿو آمريڪا ۾ رهندڙ حبيب ڀٽو کي جڏھن مجبور ڪيم تہ چيائين هلو نالو ظاهر نہ ڪجو بس شهيد بشير خان قريشي جو هڪ چاهيندڙ لکي ڇڏجو ۽ ڊگهڙي واسي ڊاڪٽر عبدالجليل ڀرڳڙي تہ بس صفا ئي منع ڪري ڇڏيو ۽ چيائين بس اوهان پاڻ ئي ورهائي ڇڏجو مون گدو اسپتال جي انتظاميہ سان رابطو ڪري کانئن داخل مريضن جا آفيشل انگ اکر ورتا ان وقت ٽي سو جي لڳ ڀڳ مرد مريض ۽ پنجاسي خواتين مريضائون داخل هيون ٖ حبيب ڀٽو ٖ ڊاڪٽر عبدالجليل ڀرڳڙي صاحب پنهنجي هڙان پئسا موڪليا تہ گدو ۾ داخل تمام مريضن کي جيڪٽ ۽ ڪمبل ۽ خواتين کي سويٽر ۽ ڪمبل وٺي ڏيو ٖ مون گدو اسپتال جي انتظاميہ کان آفيشل اجازت وٺي سوا۽ خواتين وارڊ جي هڪ هڪ وارڊ ۾ وڃي پنهنجي هٿن سان جيڪٽ ۽ ڪمبل ڏنا ۽ جيئن تہ خواتين وارڊ ۾ مردن کي وڃڻ جي اجازت ڪونهي اتي مون انچارج ليڊي ڊاڪٽر حوالي ڪيا گدو ۾ مون انگريزن جي دؤر جي شروعاتي سنگ بنياد وارو پٿر ڏٺو جنهن تي “ گدو “ جو نالو “ سودائين جو آشرم “ لکيل هو “ سر چارلس نيپيئر جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد اها 1851ع جي ڳالهہ آھي تہ بمبئي جو هڪ خدا ترس پارسي سر ڪاؤس جي جهانگير جنهن جو پيءٗ “ ريڊي مني “ جي نالي سان مشهور هو ٖ هڪ دفعي لاڙڪاڻو گهمڻ ويو ٖ لاڙڪاڻي جي مستن ۽ ديوانن کي روڊن تي ڏسي سندس دل ۾ خيال آيو تہ هنن لا۽ ڪو آشرم جوڙجي ٖ لاڙڪاڻي مان واپسي تي1851ع ۾ سر ڪاؤس جي جهانگير حيدرآباد لڳ حسين آباد وٽ درياء ڀرسان زمين خريد ڪئي اهو هنڌ گدو بندر جي نالي سان مشهور هو ان سان گڏ اهو ماڳ انهن ڏينهن ۾ اهڙو پر فضا مقام هو جو بنگال جي جڳ مشهور شاعر رابندر ناٿ ٽئگور کي ڪنهن چيو تہ “ طلوع آفتاب “ ۽ “ غروب آفتاب “ جا نظرا ڏٺا اٿئي تہ ٽئگور چيو اها تہ خبر اٿم تہ سج پنهنجا ڪرڻا جاپان وٽان ڪڍندو آھي پر مان “ سج لهڻ جو منظر سنڌو ڪناري تان ڏسڻ ٿو چاهيان سو اچي گدو واري هنڌ سنڌو درياء جي ڪنڌي اچي ويهي رهيو هن جڏھن سنڌو ڪناري انهيء ماڳ تان سج لهندي ڏٺو تہ چيائين “ پيدا ڪندڙ جو قسم مون حياتي ۾ اهڙو خوبصورت منظر ناهي ڏٺو ان ماڳ لا۽ تاريخ نويس لکن ٿا تہ سنڌ جي ڪلهوڙا حاڪم غلام شاه ڪلهوڙي جو وڪيل ديوان گدو مل خدا آباد کان ٻيڙي تي چڙھي نيرون ڪوٽ وٽ اچي سنڌو ڪناري انهيء ماڳ تي لٿو ٖ سنڌو درياء جو اهو ڪپر انهن ڏينهن ۾ وڻج واپار حوالي سان “ بندر “ بہ هو سو ديوان گدو مل اتي زمين وٺي پنهنجو ٿاڪ جوڙيو پو۽ ديوان گدو مل جي نالي سان اهو ماڳ “ گدو بندر “يا “ گدو جو ٽنڊو “ سڏجڻ لڳو ٖ سر ڪاؤس جهانگير انهي ماڳ تي زمين خريد ڪري ذھني مريضن جي لا۽ اداري جي تعميرات شروع ڪرائي ٖ هن جي تعمير تي ان وقت سٺ هزار لاڳت آئي هئي جنهن ۾ ٻاونجاه هزار روپيا سر ڪاؤس جي جهانگير ڏنا جڏھن تہ انگريز سرڪار اٺ ھزار چندو ڏنو هو ٖ هي آشرم جولاءِ 1871ع ۾ مڪمل ٿيو ۽ سندس افتتاح 3 سيپٽمبر 1871ع تي ٿيو ٖ سر ڪاؤس جي جهانگير کي ڪنهن جي عزت نفس مجروح ٿيڻ جو ايترو خيال هو جو هن نئين جوڙايل اداري جو “ پاڳل خانو “ نالو رکڻ بدران هن اداري جو نالو “ سودائين جو آشرم رکيو “ اهو ڪيترن ئي مختلف جڳھن تي مشتمل آهي ۽ منجھس اٺ وارڊ آهن جن مان هر هڪ جي ڊِيگھ ڇٽيهه فوٽ ۽ ويڪر ارڙهن فوٽ ۽ اوچائي اوڻٽيهه فوٽ آهي. هڪڙو وارڊ يورپي ماڻهن لاءِ مخصوص آهي. هتي هڪڙي اسپتال پڻ آهي، عورتن لا۽ الڳ وارڊ آھي ان طرف مردن کي وڃڻ جي اجازت ڪونهي اتي خواتين ڊاڪٽر ۽ اسٽاف مقرر ٿيل آھي هتي سپرنٽينڊنٽ ۽ ٻين ملازمن لاءِ ڪوارٽر جوڙيل آهن. هاڻوڪي وقت ۾ سودائي آشرم ۾ داخل مريضن جو تعداد اٽڪل ٽي سو اسي آهي. 1874ع ۾ هر مريض تي ساليانو ايندڙ خرچ جو ڪاٿو ٽيانوي رپيا ۽ اٺ آنا لڳايو ويو هو. ملازمن ۾ سپرنٽينڊنٽ، اسپتال اسسٽنٽ، وارڊر ۽ ٻئي عام وهنوار جي ڪم لاءِ ملازم رکيل آهن. پاڪستان ٺھڻ کان مسلم توڙي هندو مرد ٖ خواتين پنهنجي گهرن مان ماني ٽڪي ٖ لٽو ٖ ڪپڙو کڻي انهن مستانن کي وڃي ڏئي

0 Komentar untuk "Gidu bandar اچو تہ گدو هلون"

Back To Top