Powered by Blogger.

Zulfiqar qadri visit to giddu bandar Hyderabad

Zulfiqar Qadri
هڪ ڏينهن گدو بندر ۾ ديوانن سان گڏ
ذوالفقار قادري
سنڌ جي ڪلهوڙا حاڪم غلام شاه ڪلهوڙي جي وڪيل ديوان گدو مل خدا آباد کان ٻيڙي تي اچي نيرون ڪوٽ وٽ سنڌو درياء جي ڪپ تي پنهنجو ديرو ڄمايو درياءٗ جو اهو ڪپر وڻج واپار حوالي سان بندر بہ هو ٖ پو۽ اهو ماڳ ديوان گدو مل جي حوالي سان اهو گدو بندر يا گدو جو ٽنڊو بہ سڏجڻ لڳو ٖ بنگال جي جڳ مشھور شاعر رابندر ٽئگور کي ڪنهن چيو تہ ڪڏھن طلوع آفتاب ۽ غروب آفتاب جا نظارا ڏٺا اٿئي تہ هن چيو سج تہ جاپان کان ڪرڻا ٿو ڪڍي پر مان غروب آفتاب جو نظارو سنڌو درياء تان ڏسڻ ٿو چاهيان پو۽ رابندر ناٿ ٽئگور گدو بندر وٽ اچي سنڌو دريا جي ڪپ تي ويهي رهيو ۽ سنڌو جي ڪپ تي ويهي سج لهڻ جو منظر ڏسي چيائين قسم سان ڪائنات ۾ اهڙو خوبصورت منظر مون ناهي ڏٺو ٖ سر چارلس نيپيئر جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پو۽ بمبئي جي هڪ خدا ترس پارسي ماڻھو سر ڪاؤس جي جهانگير جنهن جو پيءٗ “ ريڊي مني “ جي نالي سان مشھور هو هڪ دفعي لاڙڪاڻي ويو اتي هن ڪجهہ ذھني مريضن کي روڊن رستن تي ڏٺو ٖ سر ڪاؤس جهانگير پهرين لاڙڪاڻي ۾ اهڙن ذهني مريضن جو ادارو ٺاهيو پر پو۽ اڳتي هلي 1852ع ۾ حيدرآباد ۾ گدو بندر وٽ زمين خريد ڪري اتي ذھني مريضن لا۽ اسپتال جوڙايائين پر سرڪاؤس جي ان جو نالو “ پاڳل خانو “ يا “ چرين جي اسپتال بجا۽ “ “ سودائين جو آشرم “ رکيو جيئن ڪنهن جي عزت نفس متاثر نہ ٿئي ٖ پاڪستان کان اڳ هندو مسلم مخير ماڻھو کاڌو پيتو لٽو ڪپڙو کڻي وڃي اتي ورهائي ايندا هئا ٖ مون کي هڪ جهوني ٻڌايو تہ ڪنهن وقت ۾ هندو عورتون روز کاڌو پيتو خود پچائي روز هتي اچي چرين کي کارائي پو۽ گهر وينديون هيون ٖ هن اداري جو ڊاڪٽر ابراهيم خليل شيخ طويل عرصو 1930ع کان 1950ع تائين انچارج رهيو هن گدو جي ديوانن جي زندگي تي شاهڪار ڪتاب “ عبرت ڪده “ لکيو ٖ پاڪستان جي قيام بعد هن “ سودائين جي آشرم “ جو نالو ڊاڪٽر حيدر علي قاضي مرحوم جي ڪوششن سان “ سر ڪاؤس جي جهانگير اسٽيٽيوٽ آف سائيڪاٽري “ رکيو ويو ٖ هن جو شمار ايشيا جي وڏين ذھني مريضن جي اسپتالن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ٖ اڄ منهنجو گدو بندر اسپتال وڃڻ ٿيو هڪ ذھني مريض مون کي ڏسي چيو “ ڇا ڪندو آھين ؟ مون کيس ورندي ڏني لکندو آھيان ٖ جواب ۾ مستاني چيو شروع شروع ۾ مان پاڻ کي بہ اديب سمجهندو هئس “ ٻئي چيو شابس اٿئي اسان کي هتي ويهاري پاڻ گهمندو ٿو وتين هلو ان بهاني گدو جو ايڊوانس چڪر بہ لڳي ويو ٖ مبادا سڀاڻي ٻيا وڃي گدو داخل ڪرائين مون کي هاڻ بہ انهن چرين جي درميان گهاريل لمحا ياد پيا اچن حقيقت ۾ هو مون کي پاڻ کان وڌيڪ سياڻا لڳا ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي چريو محسوس ڪيم مولا شل اسان کي سمجهہ ڏئي

0 Komentar untuk "Zulfiqar qadri visit to giddu bandar Hyderabad"

Back To Top