Powered by Blogger.

Zulfiqar Qadri new colam dogla pan

Zulfiqar Qadri
ٻٽو معيار !
ڪنهن دوست چيو اوهان عورتن کي ڇڙواڳ ڪرڻ ٿا چاهيو ؟ مون چيو مان عورت جي آزادي جو قائل آھيان پر ڇڙواڳي جو نہ ٖ پر ساڳئي وقت مرد جي بدمست هاٿي ٖ ڏاڍو سو گابو هئڻ جو بہ حامي نہ آھيان تہ مرد کي جيڪو وڻي ڪندو وتي ٖگهر جي ماحول کي اهڙو رکيو وڃي جيئن ڪا نياڻي ٖ سياڻي ٖ ڌيءٗ ٖ ڀيڻ بغير ڪنهن چوڻ آکڻ جي پاڻ ئي پنهنجو برو ڀلو سمجهڻ شروع ڪري ٖ هتي اسان مرد گهر کان ٻاهر عورت جي پيرن جي ميندي ٖ نيل پالش کان ويندي مٿي جي وارن جي اسٽائل تائين پيا غور سان ڏسنداسين فيس بڪ تي هڪ ئي وقت ڏھن ڄڻين کي پيا پٽائينداسين ٖ نيٽ تي هر قسم جو جنسي غير جنسي مواد ٖ عريان فحش تصويرون ٖ غير مهذب گفتگو پيا ڪنداسين باقي گهر ۾ عورتن جي سوچڻ تي پابندي ٖ را۽ وٺڻ تي پابندي ٖ انٽر نيٽ ٖ فيس بڪ استعمال ڪرڻ تي پابندي ڇا هي دنيا صرف مرد جي عياشي جي اڏي طور تخليق ٿي هئي ڇا؟ “ ڪالهہ پنهنجي محبوبا جي وارن ۾ آڱريون ڦيري چيائين پئي تہ تون کير جهڙي اڇي اُجري آھين ٖ اڄ پنهنجي ڀيڻ کي ڪنهن غير مرد سان ڳالهائيندو ڏسي ڪاري چئي ماري ڇڏيائين “ جيستائين مرد سماج ۾ اهڙا ٻٽا معيار قائم رکندو مايون ڪاريون ڳاڙھيون ٿينديون رهنديون -

0 Komentar untuk "Zulfiqar Qadri new colam dogla pan"

Back To Top