Powered by Blogger.

Zulfiqar Qadri down leeks special

Zulfiqar Qadri
ڊان ليڪس آھي ڪهڙي بلا ؟
ذوالفقار قادري
اهي آڪٽوبر 2016ع جا ڏينهن هئا وزيراعظم هاؤس ۾ ملڪي سلامتي خاص طور آپريشن ضرب عضب ٖ دهشت گردي ۽ ٻين معاملن تي خاص اجلاس هو جنهن ۾ وزيراعظم نواز شريف ٖ ان وقت جو آرمي چيف جنرل راحيل شريف ٖ ڊي جي آ۽ ايس آ۽ ليفٽننٽ جنرل رضوان اختر ٖ ڊي جي ملٽري انٽيليجنس ٖ وزيرداخلا چوڌري نثار ٖ دفاع وارو مملڪتي وزير خواجا آصف ٖ اطلاعات وارو اڳوڻو وفاقي وزير پرويز رشيد شامل هئا اجلاس ۾ دهشت گردي کي قابو پائڻ بابت ڪجهہ آپشنز تي بہ فيصلا ٿيا ٖ ان ٽاپ سيڪريٽ اجلاس جي اندروني روداد ڊان جي رپورٽر سيريل الميڊا ٻئي ڏينهن ڊان اخبار ۾ اسٽوري جي صورت ۾ شايع ڪري ڇڏي رپورٽ ڇپجڻ سان هڪ طوفان کڙو ٿي ويو تہ ايڏي ها۽ سيڪريٽ اجلاس جي اندر جي ڪهاڻي ڪيئن ليڪ ٿي ٖ آرمي چيف جنرل راحيل شريف معاملي جو سخت نوٽس ورتو ان معاملي تي ڳالهائڻ لا۽ وزيراعظم نواز شريف جنرل راحيل شريف ۽ فوج جي قيادت کي وزيراعظم هاؤس طلب ڪيو پر فوج طرفان سيڪيورٽي اجلاسن جون خبرون ليڪ ٿيڻ تي تحفظات جي اظھار بعد شھباز شريف ٖ چوڌري نثار ۽ اسحاق ڊار آرمي هاؤس راولپنڊي ۾ وڃي آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي ٖ ذريعن مطابق فوجي اختيارن کين وزيراعظم هاؤس ۾ ٿيل ان اجلاس جا ثبوت ۽ نالا فراهم ڪيا جن ڊان جي رپورٽر سيريل اميلڊا کي اجلاس جي اندروني ڪاروائي ليڪ ڪئي ٖ ذريعن مطابق مريم نواز شريف جون ان صحافي کي اسٽوري ڇپڻ کان اڳ اٺ وائبر ڪالس ٿيل هيون ٖ ان معاملي ۾ اطلاعات واري وزير پرويز رشيد ۽ وفاقي سيڪريٽري اطلاعات تي بہ آڱريون کنيون ويون ٖ ذريعن مطابق فوجي اختيارين مريم نواز کي ڇڏي باقي همراهن کي سندن حوالي ڪرڻ جو چيو حڪومت بار گهٽائڻ لا۽ فوري وزيراطلاعات پرويز رشيد کي هٽايو ۽ ڪميٽي قائم ڪئي ٖ ڪميٽي جيڪا رپورٽ پيش ڪئي آھي ان کي فوج تي ترجمان رد ڪيو آھي ٖ هاڻي ڏسجي تہ ان معاملي تي سول ملٽري معاملا ڪيئن ٿا حل ٿين

0 Komentar untuk "Zulfiqar Qadri down leeks special"

Back To Top