Powered by Blogger.

Zulfiqar Qadri colams لاڙڪاڻي جي قادرين جون ڍڳيون ڇو مشھور آھن ؟


لاڙڪاڻي جي قادرين جون ڍڳيون ڇو مشھور آھن ؟
ذوالفقار قادري
لاڙڪاڻو کي جتي عالمي شھرت يافتہ شھر هئڻ جو اعزاز حاصل آھي ٖ اتي لاڙڪاڻي بابت ڪئين قصا ٖ ڪهاڻيون ٖ پهاڪا ٖ پروليون ۽ چوڻيون بہ مشھور آھن ٖ ڪنهن دؤر ۾ مشھور چوڻي هوندي هئي تہ “ هجئي ناڻو تہ گهم لاڙڪاڻو “ پر لاڙڪاڻي جي حسن جي جيڪا ڀيل پ پ پ جي موجوده ست سالا دور ۾ ٿي آھي ان جو ورلي ڪو مثال ملندو ٖ شھيدن جي هن شھر جي ترقي جي نالي تي گذريل اٺن سالن ۾ چاليهہ ارب روپيہ جاري ٿيا ٖ پر اهي چاليهہ ارب ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿيا ٖ شھر جي حالت زار ڏسڻ کان پو۽ ان جو اندازو چڱي طرح لڳي ويندو ٖ ماڻھن کي ٻيو ڪجهہ نظر اچي يا نہ اچي پر لاڙڪاڻي جي روڊن ٖ رستن ۽ چوراهن تي سالن کان مست الست ٿي گهمندڙ قادرين جون ڪي هيڪڙ ٻيڪڙ بچيل ڍڳيون ضرور نظر اينديون ٖ قادرين جون اهي ڍڳيون سڄي شھر ۾ بي نياز ٿي پيون گهمنديون آھن ٖ ڪٿان فروٽ ٖ ڪٿان سبزي تہ وري ڪٿان گاه چرنديون وتنديون آھن ٖ انهن آزاد منش ڍڳين سان نہ ڪو ڌنار هوندو آھي نہ ئي ڪو انهن کي سنڀاليندڙ ڪو راکاؤ هوندو آھي ٖ لاڙڪاڻي جا ماڻھو بہ سالن کان روڊن تي انهن رولاڪ ۽ آزاد گهمندڙ ڦرندڙ قادرين جي ڍڳين سان اهڙو ٺھي ويا آھن جو ڄڻ کين انهن سان هڪڙي انسيت ٿي وئي هجي ٖ قادرين جي انهن ڍڳين بابت حيران ڪندڙ انڪشاف مون کي مارشل لا وارن ڏينهن ۾ سکر سينٽرل جيل ۽ لاڙڪاڻو جيل ۾ اسيري وارن ڏينهن ۾ ٿيو ٖ جيل جو اندروني جهان اهڙو آھي جو هر ايندڙ ۽ آزاد ٿيندڙ قيدي جي خبر جهنگ جي باه جيان جيل اندڙ پکڙجي وڃي ٿي مان جڏھن لاڙڪاڻي جيل پهتس تہ قيدين کي منهنجي اچڻ جي خبر پئجي وئي تہ هڪ “ قادري “ ذات وارو سياسي قيدي پهتو آھي ٖ هڪ ڏينهن مان مئڪسم گورڪي جو جڳ مشھور ناول “ ماءٗ “ کڻي اڃان پڙھڻ ويٺس ٖ تہ نالي وارن چورن ۽ ڪاٽڪوئن جو هڪ وڏو لڏو اچي بيرڪ ۾ منهنجي پٽ تي وڇاويل بستري تي اچي بيٺو ٖ مان اهڙن قيدين جي پاڻ وٽ ھلي اچڻ تي حيران بہ ٿيس تہ مان نہ ڪو چورن سان نہ ئي وري ڀاڳين سان ٖ سو هي همراه الاء خير ۾ مون ڏي ڪهي هلي آيا آھن ٖ رسمي عليڪ سليڪ کان پو۽ جڏھن حال احوال ٿيا تہ ان گروپ جي اڳواڻي ڪندڙ لاڙڪاڻي جي نامي گرامي ڪاٽڪو فقيري ککراڻي چيو تہ قادري صاحب اوهان جي جيل پهچڻ جي خبر جڏھن جيل جي سنگت کي پئي تہ لاڙڪاڻي جو هڪ قادري جيل ۾ پهتو آ تہ سنگت جي ذھن ۾ سالن کان هڪ سوال ڳجهارت جيان پيو ڦري سو اڄ ان گهجارت جي جواب لاء تو وٽ آيا سي مون کين چيو حڪم ڪيو آخر اهڙي ڪهڙي پرولي آ جنهن جو جواب مون وٽ آھي تہ ان جي جواب ۾ فقيري ککراڻي چيو تہ لاڙڪاڻي جي نامي گرامي چورن ۽ ڪاٽڪوئن وڏيون ڪوششون ڪيون آھن تہ لاڙڪاڻي جي روڊن تي آزاد ۽ ڇڙواڄ گهمندڙ ڦرندڙ قادرين جي انهن ڍڳين کي چوري ڪجي ٖ پر لاڙڪاڻي جي ڪنهن بہ چور يا ڪاٽڪو کي اها ڪاميابي حاصل نہ ٿي آھي جو ڪوئي چور چئي سگهي تہ اسان قادرين جي ڍڳي چورائي آيا سي يا ڪڍي آيا سي ٖ چورن هزار ڪوششون بہ ڪيون آھن پر جيئن ئي ڪو چور ڪا رسي ٖ زنجير ڍڳي کي وجهي ٿو ٖ ڍڳي فورن پٽ تي ويهي ٿي رهي ٖ ويهڻ کان پو۽ ڍڳي اٿڻ يا چرڻ پرڻ جو نالو ئي نہ ٿي وٺي ٖ چورن پاڻ ۾ شرطون بہ رکيون آھن تہ جيڪو چور لاڙڪاڻي جي “ قادرين “ جي “ ڍڳي “ چورائي ايندو ان چور کي انعام ڏنو ويندو ٖ پر اڃا تائين ڪنهن چور کي ڪاميابي حاصل نہ ٿي آھي ٖ اوهان “ قادري “ آھيو مهرباني ڪري ٻڌايو تہ آخر “ قادري “ پنهنجي ڍڳين کي اهڙو ڇا سمجهائي ٿا ڇڏين جو ڍڳي ڪنهن سان هلڻ لاء تيار ئي ڪونهي ٖ مون چورن جي ڳالهہ غور سان ٻڌي همراه چون تہ سچ پيا ٖ پر ان کان وڌيڪ اهو تہ قادرين جون ڍڳيون ڀل سڄو ڏينهن لاڙڪاڻي شھر ۾ چرنديون ڦرنديون وتن پر ڪنهن کي پنهنجو کير ڏھڻ بہ نہ ڏينديون ٖ کير سان ٿڻ ڀريا پيا هوندن پر مجال آ جو ڪنهن کي کير ڏھڻ ڏين ٖ گهمي ڦري وري بہ مالڪن ڏي موٽي اينديون ٖ ڍڳيون “ پيٽ “ سان “ ڍڪيون “ هجن پر ويم جي وقت “ ڦر “ اچي ڌڻين وٽ ڄڻينديون ٖقادرين جون اهي ڍڳيون اهڙيون تہ شاهانہ مزاج آھن جو جو اهي ڪڏھن ڪمشنر ۽ ڊي آ۽ جي آفيس ٻاهران تہ ڪڏھن ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي آفيس جي ٻاهران پيون چڪر هڻنديون ٖ جنرل ضياء جي مارشل لا دور جي ڳالهہ آھي انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پٽ حسنين مرزا جو سهرو شاهد عزيز صديقي صاحب ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو هو ٖ فوجين جو ڍڳين کي روڊن رستن تي ايئن آزاد رلندي ڦرندي ڏٺو تہ ڪاوڙ ۾ هڪ ڍڳي کي وڃي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج وٽ واقع پنهنجي مارشل لا هيڊ ڪواٽر ۾ بند ڪري ڇڏين ۽ ڊي سي شاهد عزيز صديقي کي فون ڪين تہ بلديہ وارن کي موڪليو تہ هن ڍڳي کي وڃي “ ڍڪ “ ۾ بند ڪن ٖ جيستائين بلديہ وارا پهچن ان کان اڳ ان ڍڳي جون سڄي شھر ۾ ڦھليل ساٿياڻيون مارشل لا وارن جي آفيس ٻاهران اچي ويهي رهيون ٖ فوجين وڏي ڪوشش ڪئي تہ ڍڳيون سندن آفيس اڳيان اٿي وڃن پر ڍڳين چرڻ پرڻ جو نالو ئي نہ پئي ورتو ٖ شاهد عزيز صديقي هڪ پراڻو ۽ زيرڪ بيور

0 Komentar untuk "Zulfiqar Qadri colams لاڙڪاڻي جي قادرين جون ڍڳيون ڇو مشھور آھن ؟"

Back To Top