Powered by Blogger.

Stupid fir 1974 Bhutto special

World Extra Information Today Daily Updates

هڪ اهڙي ايف آ۽ آر جو ذڪر جيڪا ڀٽي جي ڦاسي جو سبب بڻي
ذوالفقار قادري
اها 11 نومبر 1974ع جي رات هئي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ملتان ۾ گورنر پنجاب نواب صادق حسين قريشي جي دعوت ۾ شريڪ هو تہ کيس لاهور مان وزيراعلئ محمد حنيف رامي جي فون آئي ۽ حنيف رامي کيس ٻڌايو تہ قومي اسمبلي جي ميمبر احمد رضا قصوري جي گاڏي تي لاهور جي اڇره ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ ٿي آھي جنهن ۾ سندس پيءٗ نواب محمد احمد خان مارجي ويو آھي ۽ قصوري پنهنجي پيءٗ جي خون جي ايف آ۽ آر اوهان تي ڪٽرائڻ ٿو چاهي آ۽ جي پنجاب سميت سڀ آفيسر پريشان آھن تہ ذوالفقار علي ڀٽي جهڙي وزيراعظم تي ڪيئن ايف آ۽ آر داخل ڪجي اوهان جو ڇا حڪم آھي ٖ ذوالفقار علي ڀٽي فورن حنيف رامي کي کي چيو مقتول جي وارثن کي پورو حق حاصل آھي تہ هو ڪنهن تي بہ ايف آ۽ آر داخل ڪرائي سگهن ٿا ڇا ملڪ جو وزيراعظم قانون کان مٿاهون آھي ڇا؟ اوهان مقتول جي وارثن جي منشا مطابق ايف آ۽ آر درج ڪيو اهڙي طرح 11 نومبر 1974ع تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي خلاف پاڻ خون جي ايف آ۽ آر داخل ڪرائي ٖ گڏو گڏ حڪومت جسٽس شفيع الرحمان جي سربراهي ۾ ان خون جي حقيقتن کي ظاهر ڪرڻ لا۽ ڪميشن جوڙي خون جا جوابدار نہ ملي سگهيا ۽ ڪيس داخل دفتر ٿي ويو ٖ 5 جولائي 1977ع تي جنرل ضياء ڀٽو سرڪار جو تختو اونڌو ڪري ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪئي تہ جنرل ضيا قصوري ڪيس کي ري اوپن ڪري قصوري قتل ڪيس ذوالفقار علي ڀٽو تي هلايو ڪيس جو چالان سيشن ڪورٽ موڪلڻ بجا۽ سڌو سنئون لاهور ها۽ ڪورٽ ڪيس هلايو ۽ 18 مارچ 1978ع تي ذوالفقار علي ڀٽي کي لاهور ها۽ ڪورٽ جي فل بينچ موت جي سزا ٻڌائي اها بينچ چيف جسٽس مولوي مشتاق ٖ جسٽس ذڪي الدين پال ٖ جسٽس گلباز خان ۽ جسٽس ايم ايڇ قريشي تي مشتمل هئي ٖ لاهور ها۽ ڪورٽ جي فيصلي بعد اهو ڪيس اپيل ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ويو پر اپيل ۾ چئن ججن لاهور ها۽ ڪورٽ واري موت جي سزا برقرار رکي جڏھن تہ ٽن ججن ذوالفقار علي ڀٽو کي بيگناه قرار ڏئي باعزت بري ڪرڻ جو فيصلو ڏنو ٖ ذوالفقار علي ڀٽي کي اها ڪهڙي خبر تہ نومبر 1974ع ۾ جيڪا ايف آ۽ آر هن پنهنجي خلاف ڪٽرائي اها ئي ايف آ۽ آر هڪ ڏينهن سندس ڦاسي جو سبب بڻجندي ٖ واضع رهي تہ نواب محمد احمد خان قصوري اهو شخص هو جنهن مئجسٽريٽ جي حيثيت ۾ انقلابي ڀڳت سنگهہ جي ڦاهي واري ڊيٿ وارنٽ تي صحيح ڪئي هئي
0 Komentar untuk "Stupid fir 1974 Bhutto special"

Back To Top