Powered by Blogger.

Shohar baray frokht watching

ڪٿي چور سڃا ٖ ڪٿي ڍور سڃا
ذوالفقار قادري
گهر جو سامان ڪٻاڙ ۾ فروخت ٿيندي ڏٺو ۽ ٻڌو بہ آھي ۽ ضرورت جو سامان ڪرائي تي ملندي بہ ڏسون ٿا ٖ پر سنگاپور ٖ هانگ ڪانگ ٖ بئنڪاڪ ۾ هاڻي زالون پنهنجا مڙس بہ ڪرائي تي ۽ فروخت جي بنياد تي وڪرو ڪن پيون ٖ هڪ دڪان تي اشتهار لکيل هو تہ استعمال ٿيل مڙس تمام سستي ريٽ تي فروخت لا۽ موجود آھن ٖ ٻئي هنڌ بورڊ لکيل هو مڙس 30 ڊالر ڪرائي تي دستياب آھن هتي اسان وٽ مڙسن جي مسئلي تي مايون مرڻ مارائڻ جي حد تائين هلي وڃن ٿيون ٖ جي مڙس ٻي شادي ڪري بہ وٺي تہ پهرين تہ پهاڄ سان ڪو ڪمپرومائيز نہ ٿيندو پر مجبوري ۾ جي قبول بہ ڪري ورتو تہ ٽٽل دل سان قبول ڪبو ٖ هتي مڙس ڪراڙو بہ ٿي وڃي پر ان کي مجازي خدا سمجهبو پر اهي عجب ملڪ آهن جتي استعمال ٿيل مڙسن کي مايون کپائي ٿيون ڇڏين ٖ شڪر ڪجي جو اسان جي ملڪ جون مايون ويچاريون فرمانبردار آھن ۽ مڙسن جي “ گرل فرينڊس “ جي خبر باوجود کين برداشت ڪيون ويٺيون آھن ٖ ورنہ اسان جي ملڪ جا 90 سيڪڙو مڙس “ برائي فروخت “ لا۽ ڍورن جيان مال پڙين تي هجن ها -

0 Komentar untuk "Shohar baray frokht watching"

Back To Top