Powered by Blogger.

Ranna bhgwan das judgement info

ڇا پاناما جج راڻي ڀڳوان داس جيتري جرآت ڪري سگهندا ؟
ذوالفقار قادري
قمبر جي شيوا منڊلي جيڪا لاڙڪاڻي جي هندن ۾ سائين ولايت راءِ صاحب جي نالي سان مشهور هئي، ان ۾ ساليانو ڀڳت جو پروگرام ٿيندو هو. سنڌ هند جا ڀڳت سائين ولايت راءِ واري شيوا منڊليءَ تي اچي حاضري ڀريندا هئا. حاضري ته قمبر واري درٻار تي سوڀي گيانچنداڻي، هري دلگير ۽ جسٽس راڻا ڀڳوان داس جي وڏڙن به ڏني هئي. لاڙڪاڻي جا جيسراڻي، گيمچنداڻي، گيانچنداڻي اچي ڀگت ڪنور ۽ چندر جي چوياريءَ ۾ گڏبا هئا. ڪلهوڙا دور جي حاڪم نصير خان ڪلهوڙي جي نالي پويان اڏيل شهر جو اوج اڄ ڏينهن تائين جهونڙن کان ناهي وسريو. ڏياري هجي يا هولي، هندو مسلم هڪ رنگ ۾ رنگيل هوندا هئا. 1947ع واري ورهاڱي ڪيترن ئي شهرن جو اهو جوڀن اجاڙي ڇڏيو ٖ واڻيا ويچارا ته ويا، پر يو پي، سي پي ٖ بِهار ۽ اتر پرديش مان جيڪي اسان جا ڀائر آيا، تن شهرن جون اصلوڪيون رونقون ئي مٽائي ڇڏيون. ورهاڱي دوران سموريءَ سنڌ ۾ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ واقعي کان سواءِ ڪو وڏو هندو مسلم فساد ڪو نه ٿيو هو، پر ان هوندي به خوف ۾ اڪثريتي هندو آبادي پنهنجا اباڻا جهڳا ڇڏي هندستان هلي وئي، ان جي باوجود نصير آباد ڄائي مکي جيتي مل پرٿياڻيءَ نصير آباد ڪو نه ڇڏي. ڊسمبر 1942ع ۾ مکي جيتي مل پرٿياڻيءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ڀڳوانداس پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم نصير آباد مان ئي ورتي. انهن ڏينهن ۾ اتر سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ٻه ئي امتحاني سينٽر هئا، هڪ لاڙڪاڻو، ٻيو قمبر. ڀڳوان داس امتحان سانگي قمبر به ايندو رهيو. سندس والد مکي جيتومل ته اڳئي ولايت راءِ صاحب جي درٻار تي ايندو رهندو هو. ڀڳوان داس وڪالت جو امتحان پاس ڪرڻ بعد محمد علي جناح جي سوانح حيات لکندڙ ٖ سنڌي سافٽ ويئر جي باني ماجد ڀرڳڙي جي والد مشهور قانوندان عبدالغفور ڀرڳڙي ۽ نامياري وڪيل عبدالرزاق سومري جي صحبت ۾ اچي رهيو، پر وڪالت واري حساب سان هو عبدالغفور ڀرڳڙيءَ سان ئي سلهاڙيل رهيو. سٺ واري ڏهاڪي ۾ هو سول جج جي حيثيت ۾ عدليه ۾ داخل ٿيو، جتان ٿيندو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ پو۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج جي عهدي تائين پهتو. جڏهن جنرل مشرف ۽ جسٽس افتخار چوڌري وارو ڦڏو ٿيو تہ راڻا ڀڳوان داس جنرل بجا۽ عدليہ جو ساٿ ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ کيس غيرفعال ڪيو ويو پر اڳتي هلي راڻا ڀڳوان داس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو قائم مقام چيف جسٽس بڻيو تہ هن جنرل مشرف جي قدمن کي غير آئيني قرار ڏيندي افتخار چوڌري سميت تمام معزول ججن جي بحالي جو فيصلو ڏنو ٖ راڻا ڀڳوان داس جيترو عرصو بہ عدليہ ۾ رهيو هن انصاف ٖ قانون ٖ ضمير مطابق فيصلا ڏنا ڪڏھن بہ حاڪمن جو دٻاء قبول نہ ڪيو ٖ هاڻي ڏسجي تہ پاناما ڪيس ۾ موجوده جج صاحبان ڪهڙو فيصلو ڏين ٿا ؟

0 Komentar untuk "Ranna bhgwan das judgement info"

Back To Top