Powered by Blogger.

Pakistan Justice history

عدليہ جو انوکو مثال سهري ۽ ناٺي جا فيصلا
ذوالفقار قادري
هي جسٽس نسيم حسن شاه آھي ٖ ذوالفقار علي ڀٽو کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جنهن بينچ موت جي سزا ٻڌائي هي ان بينچ ۾ شامل هو ۽ ڀٽي جي موت جي سزا جي حق ۾ فيصلو ٻڌايائين اڳتي هلي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻيو جڏھن اسحاق خان وزيراعظم ميان نواز شريف جي سرڪار برطرف ڪئي تہ چيف جسٽس نسيم حسن شاه اسحاق خان واري قدم کي غيرآئيني قرار ڏيندي ميان نواز شريف سرڪار کي بحال ڪيو ٖ ڪالهہ سپريم ڪورٽ جي جن ٻن ججن وزيراعظم نوازشريف لا۽ فيصلو ڏنو تہ ميان نوازشريف صادق ۽ امين ناهي رهيو ۽ وزيراعظم جي عهدي لا۽ نااهل ٿي چڪو آھي اهو فيصلو بينچ جي سربراهہ ۽ سينيئر جج جسٽس آصف سعيد کوسہ ٻڌايو ٖ جسٽس آصف سعيد کوسہ وري اڳوڻي چيف جسٽس نسيم حسن شاه جو نياڻو ( ناٺي ) آھي ٖ واضع رهي تہ جسٽس نسيم حسن شاه رٽائرڊ ٿيڻ بعد پنهنجي آتم ڪٿا لکي جنهن ۾ مڃيائين تہ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي جي سزا ڏيڻ لا۽ اسان تي جنرل ضياء جو دٻاءٗ هو ٖ

0 Komentar untuk "Pakistan Justice history "

Back To Top