Powered by Blogger.

Kabarri se kharrab pati nawaz sharif special

ڪٻاڙي کان ارب پتي بڻيل ميان نواز شريف جي خاندان جو داستان ٖ
ذوالفقار قادري
هي تصوير ڪنهن عام لوهار جي نہ آھي ٖ بلڪہ هي تصوير وزيراعظم ميان نواز شريف جي پيءٗ ميان محمد شريف جي آھي جنهن کي ميان فيملي “ ابا جي “ جي نالي سان سڏيندي هئي ٖ هي اهو وقت هو جڏهن هو پنهنجي ٻن وڏن ڀائرن “ برڪت “ ۽ “ شفيع “ سان گڏ جاتي امرا مان مزدوري واسطي لاهور آيو هو ٖ ميان شريف جي هي تصوير لاهور جي دين محمد جي لوهہ جي بٺي تي مزدوري ڪرڻ وقت جي يادگار تصوير آھي ٖ جتي ميان محمد شريف چوڏھن آنا ڏھاڙي تي مزدوري ڪري پنهنجي زندگي جي سفر جو آغاز ڪيو ٖ ميان صاحب جو خاندان اصل ۾ ڪشميري آھي ٖڪشمير جي “ شوپيان “ واري علائقي ۾ جڏھن فساد ٿيا تہ اتان هڪ غريب “ رمضان “ نالي ڪشميري بٽ پنهنجي جان بچائي هڪ ٽٽل پيتي سميت گڏھہ تي سامان کڻي مشرقي پنجاب جي ضلعي امرتسر جي ننڍي ڳوٺ “ جاتي امرا “ ۾ اچي ويٺو ٖ اتي ڪچي مٽي ۽ ڪاٺ سان هڪ ننڍڙو گهر ٺاهي پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيائين ٖ رمضان ڳوٺ ۾ لوهارڪو ڪم شروع ڪيو ان گڏ حڪمت جون ستيون ۽ ڦڪيون پڻ ڏيندو هو ٖ ڳوٺ وارن جي آبادي اڪثر غريب هارين تي مشمل هئي سو رمضان جنهن کي ڳوٺ وارا “ رمضو لوهار “ ۽ ڪي وري “ رمضو ڪٻاڙي ٖ حڪمت بعد “ رمضو حڪيم “ بہ چوندا هئا ان ڳوٺ ۾ ڏاٽا ٖ ڪوڏرون ڇريون وغيره ٺاهڻ شروع ڪيون ٖ رمضو لوهار کي ست پٽ هئا ٖ انهن مان برڪت ۽ شفيع ساڻس گڏ لوهارڪي ڪم ۾ ھٿ ونڊائيندا هئا جڏھن تہ سندس ٽيون نمبر پٽ “ محمد شريف “ جيڪو کيس 1920ع ۾ ڄائو هو سو ڀر واري ڳوٺ “ نيون سرلي “ جي اسڪول ۾ پڙھڻ ويندو هو ٖ پرائمري تعليم کان پو۽ مڊل جي تعليم لا۽ اهو ڇوڪرو جاتي امرا مان روز پنڌ ڪري امرتسر جي خالصہ اسڪول ۾ پڙھڻ ويندو هو ٖ رمضو لوهار جو گهراڻو وڏو ۽ آمدني گهٽ هئي سو سندس ٻہ پٽ برڪت ۽ شفيع ڳوٺ مان مزدوري سانگي لاهور آيا ٖ ۽ ٻئي ڀائر هڪ لوهہ جي بٺي تي مزدوري ڪرڻ لڳا ٖ آخر برڪت ۽ شفيع پنهنجي ٽئين ڀاءٗ شريف کي بہ لاهور گهرائي ورتو هاڻي ٽئي ڀائر لوهہ جي بٺي تي مزدوري ڪرڻ لڳا ٖ جيئن تہ محمد شريف خالصہ اسڪول ۾ پڙھندو هو سو لاهور ۾ مسلم هائي اسڪول رام گلي ۾ داخلا ورتائين ٖ اڄ بہ اسڪول رجسٽر ۾ اها داخلا ٿيل آھي تہ ميان نواز شريف جي پيءٗ ميان محمد شريف اسڪول جي هيڊ ماستر کي درخواست ڏني هئي تہ هو هڪ غريب شاگرد آھي سندس پيءٗ وٽ ايتري وصيت ناهي جو هو کيس پڙھائي سگهي مهرباني ڪري منهنجي اسڪول جي في معاف ڪئي وڃي ٖ بحرحال هو پنهنجي ڀائرن سان گڏجي لاهور جي حاجي دين محمد جي لوهہ جي بٺي تي چوڏھن آنا ڏھاڙي تي شام جو مزدوري ڪندو هو ۽ صبح جو پڙھڻ ويندو هو ٖ مسلم اسڪول مان مئٽرڪ بعد اسلاميہ ڪاليج لاهور ۾ داخلا ورتائين ٖ ٽنهي ڀائرن وٽ جڏھن ٿورڙا پئسا گڏ ٿيا تہ حاجي دين محمد جي بٺي ڇڏي انهن ٽي سو ڏھہ روپين ۾ حاجي فيروز ڀٽي کان لوهہ جي هڪ بٺي خريد ڪئي ٖ۽ ڪٻاڙ خريد ڪري ان مان لوهہ جو سامان ٺاهڻ لڳا ٖ نلڪا ٖ هينڊ پمپ ٖ موٽر ٺاهڻ لڳا جيئن تہ نواز شريف جو پيءٗ پنهنجي ڀائرن ۾ لکيل پڙھيل هو ٖ هن پنهنجا وڙا واسطا وڌائي ڇڏيا آخر اسڪندر مرزا ۽ ايوب خان جي وقت ۾ ميان شريف کي سرڪاري ٺيڪا ملڻ شروع ٿيا تہ هنن “ اتفاق “ فونڊري جي نالي سان لوهہ جو ڪارخانو قائم ڪيو ٖ ميان شريف کي سڀ کان پهريون وڏو پٽ ڄاؤ تہ ان جو نالو محمد نواز رکيو ٖ جيڪو اڳتي هلي ميان محمد نواز شريف جي نالي سان مشھور ٿيو ٖ اسڪندر مرزا ٖ ايوب خان ۽ يحئ خان جي دور تائين ميان صاحبن جو ڪاروبار ايترو وڌي ويو جو پاڪستان ۾ لوهہ ۽ فولاد سازي جا وڏا ادارا اتفاق فاؤنڊري ٖ پيڪو ٖ بيڪو شريف ڀائرن جي ملڪيت هئا ٖ ايڏي پئسي جي باوجود ميان ميان محمد شريف کي پنهنجي وڏي پٽ نواز شريف جي ڏاڍي ڳڻتي هوندي هئي ٖ گهر سنگت ساٿي ۾ ڀوڳ ٖ چرچا ٖ مزاڪ ۽ اداڪاري پيو ڪندو هو ٖ نواز شريف جا اهڙا طور طريقا ڏسي سندس پيءٗ ميان محمد شريف هڪ ڏينهن پنهنجي ماڊل ٽاؤن واري گهر ۾ پاڪستان جي فلم انڊسٽري جي مايہ ناز ڪاميڊين ۽ مشڪري جا ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار سعيد خان عرف رنگيلي کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ پنهنجي پٽ ميان نواز شريف جي ٻانهن ان جي هٿ ۾ ڏئي کيس چيائين هي سڄو ڏينهن مشڪريون ڪندو ٿو وتي هن کي فلمي دنيا جو ڪاميڊين اداڪار بڻايو ٖ اهڙي طرح ميان نواز شريف ڪافي عرصو لاهور جي “ شاه نور اسٽوڊيو “ ۽ “ ايورنيو “ اسٽوڊيوز ۾ اداڪار رنگيلي جي سرپرستي هيٺ رهيو ٖ آخر هڪ ڏينهن اداڪار سعيد خان رنگيلو تنگ ٿي ميان نواز شريف جي پيءٗ سان مليو ۽ کيس چيائين هي مشڪري ٿيڻ جي لائق بہ ڪونهي ٖ وري ڪو اهڙو وقت آيو جو هو ماڊل ٽاون جي گهٽين ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ لڳو ٖ پيءٗ سندس اهڙو شوق ڏسي کيس ڪرڪيٽ جو ڪوچ رکي ڏنو ٖ اڃان اهو سلسلو هلندڙ ھو تہ ڊسمبر 1971ع ۾ پاڪستان جي ٻن حصن ٿيڻ بعد فوجي جنريلن يحئ خان کان استعفئ ڏياري اقتدار ذوالفقار علي ڀٽو جي حوالي ڪيو ٖ اڳتي هلي ذوالفقار علي ڀٽو جڏھن صنع

0 Komentar untuk "Kabarri se kharrab pati nawaz sharif special"

Back To Top