Powered by Blogger.

27 رجب جي رات شب معراج آهي يعني اڄ جي را

اڄ جي رات يعني 27 رجب جي رات شب معراج آهي يعني اڄ جي رات اسانجي پياري نبي پاڪ صلى الله عليه وسلم جن کي الله پاڪ پاڻ وٽ مهمان بڻايو ، بيت الحرم کان بيت المقدس جو سير ڪرايو ۽ بيت المقدس ۾ سڀني انبيائين جي امامت بہ اسان جي محبوب محمد مصطفىٰ صلى الله عليه وسلم جن کان ڪرائي ۽ پوءجنت ۽ دوزخ جانظارا ڪرايا ويا آسمانن جا سير ۽ اتي موجود نبين کان استقبال ڪرايا ويا ۽ ملاقاتون ۽ آخر ۾ پاڻ سان ملاقات ۽ ديدار ڪرايو ويو ۽ نماز ۾ پڙھيو ويندڙ التحياط ان ملاقات ۾ ادا ڪيل الفاظ آهن اسان مسلمانن لاء نماز جو تحفو ڏنو ويو ان لاء تہ اي منهنجا محبوب ڪريم (صلى الله عليه وسلم): اگر منهنجا بندا منهنجي ملاقات جو شق رکن تہ اهي نماز قائم ڪن ۽ اها انهن ٻانهن جي ملاقات مونسان جاري هوندي جيسيتائين اهي منهنجي حضور ۾ يعني نماز ۾ ھوندا سبحان الله اها ڪيتري نہ عظمت واري حاضري آهي نماز پوء وڏا خوش نصيب اهي مومن آهن جيڪي رب ڪريم جل جلاله جي سڏ تي سندس جي حضور ۾ حاضري ڏين ٿا ۽ خدا سان ملاقات جو شرف ماڻين ٿا۔
سهڻي محبوب ڪريم صلى الله عليه وسلم جن جو فرمان آهي تہ:
الصلواة معراج المئومنين
( نماز مومن جو معراج آهي) شل الله پاڪ اسان سڀني مسلمان ڀائرن ڀينرن کي الله پاڪ جي حضور ۾ صدق دل سان حاضري نصيب ڪري آمين

0 Komentar untuk " 27 رجب جي رات شب معراج آهي يعني اڄ جي را"

Back To Top